گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ جي يو آءِ جي نامزد اميدوار ناصر محمود سومرو هٿ کڻي ويو

گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ جي يو آءِ جي نامزد اميدوار ناصر محمود سومرو هٿ کڻي ويو، ناصر محمود سومرو چيو آهي ته  مهر سردار جي وفات جي ڪري فارم واپس وٺي رهيا آهيون، گهوٽڪي جي روايت رهي آهي ته فوتي جي سيٽ تي ٻيو ڪير به اميدوار اليڪشن ناهي وڙهندو.

گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ جي يو آءِ جي نامزد اميدوار ناصر محمود سومرو هٿ کڻي ويو آهي

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو سميت سمورن جي يو آءِ اميدوارن پاران فارم واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي

ناصر محمود سومرو چيو آهي ته  مهر سردار جي وفات جي ڪري فارم واپس وٺي رهيا آهيون

هن چيو ته، گهوٽڪي جي روايت رهي آهي ته فوتي جي سيٽ تي ٻيو ڪير به اميدوار اليڪشن ناهي وڙهندو

ناصر محمود سومرو  چيو ته، مهر سردارن کي چئون ٿا ته پاڻ ۾ فيصلو ڪن ته بهتر ٿيندو، جي يو آءِ في الحال ڪنهن به اميدوار جي حمايت جو فيصلو ناهي ڪيو

هن چيو ته، جيڪڏهن مهر سردار پاڻ ۾ اليڪشن وڙهن ٿا ته 7 جولائي تي جي يو آءِ جي مرڪزي اجلاس ۾ ڪنهن به هڪ جماعت جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويندو

ناصر محمود سومرو چيو ته، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 7 جولائي تي سکر اجلاس ۾ ڪنهن به هڪ پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*