لاڙڪاڻي ۾ نينگري سان پوليس اهلڪارن جي مبينا زيادتي واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪندي ٻارڙيءَ جي طبي چڪا ٿيڻ بنا ئي کيس ڪوڙو قرار ڏنو ويو آهي

لاڙڪاڻي ۾ نينگري سان پوليس اهلڪارن جي مبينا زيادتي واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪندي ٻارڙيءَ جي طبي چڪا ٿيڻ بنا ئي کيس ڪوڙو قرار ڏنو ويو آهي

لاڙڪاڻي جِي يار محمد ڪالوني  گڙيا گوپانگ  پوليس اهلڪارن مٿان جنسي زيادتي ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا

پوليس معاملي جي جاچ مڪمل ڪندي نينگري جي بنا طبي چڪاس جي کيس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي

 ٻارڙي جي امڙ جو چوڻ آهي ته عدالتي ليٽر ملڻ باوجود نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ  ناهي ٿيو

هن وڌيڪ ٻڌايو ته چانڊڪا اسپتال ۾ پوليس سرجن ملڻ بدران ڊگهو انتظار ڪرايو آهي

 ايس ايس پي مسعود بنگش چيو ته جاچ مڪمل ٿي آهي، جنهن جي حتمي رپورٽ ۾ نينگري جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو آهي

هن وڌيڪ چيو ته رپورٽ اچڻ باوجود نينگري جا وارث جنهن به پوليس آفيسر لاءِ چوندا، ان کان ٻيهر انڪوائري ڪرائينداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*