اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ داخل سڀئي درخواستون واپس وٺي ڇڏيون آهن

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ داخل سڀئي درخواستون واپس وٺي ڇڏيون آهن، عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي پيش ٿي آصف زرداري چيو ته مٿس هڪ ڪمپني خريد ڪري قرض وٺڻ جو الزام بي بنياد آهي.

جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پارڪ لين ۽ بلٽ پروف گاڏين جي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .

ان موقعي تي آصف زرداري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ هن ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ضمانت واريون درخواستون واپس ورتيون

آصف زرداري، عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي بيان ڏيندي چيو ته جاچ دوران خبر پئي آهي ته مٿس عمارت لاءِ قرض وٺڻ جو الزام آهي پر مون ڪو به قرض ناهي ورتو، جاچ دوران مون کي ڪو به دستاويز نه ڏنو ويو.

هن چيو ته اهڙي ڪا به درخواست موجود ناهي، جيڪا مون قرض لاءِ ڏني هجي، جڏهن ته ڪو به قانون مونکي قرض وٺڻ کان نٿو روڪي سگهجي

اڳوڻي صدر چيو ته جمهوريت لاءِ ٻيهر جدوجهد تي تيار آهيان، ڪنهن کي شرمنده نٿو ڪرڻ چاهيان، استغاثه چوي ٿي مون ڪمپني ٺاهي، مون کي ڪو به ڪمپني ٺاهڻ کان روڪي نٿو سگهجي، جڏهن ته منهنجي قرض وٺڻ جو به ڪو ثبوت ناهي.

هن چيو ته سندس خلاف جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، مونکي اڳ به 8 سالن کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، بي ايم ڊبليو ڪيس به منهنجي خلاف ٺاهيو ويو هو، مان اهو سڀ اڳ به ڏسي چڪو آهيان ۽ ڪيس واپس وٺان ٿو

ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ کانپوءِ نيب پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پارڪ لين ڪيس ۾ به گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*