لاڙڪاڻي ۾شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ احتجاج تي ويٺل ملازمن ۽ يونيورسٽي انتظاميا وچ ۾ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي

لاڙڪاڻي ۾شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ احتجاج تي ويٺل ملازمن ۽ يونيورسٽي انتظاميا وچ ۾ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڊي سي جي حڪم تي اينٽي انڪروچمينٽ عملي چانڊڪا ڪاليج پھچي ملازمن جِي ڪيمپ پٽي ڇڏي، جنهن بعد ملازمن ريلي ڪڍي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

چانڊڪا ڪاليج جي پرنسپال گذريل ڏينھن احتجاج ڪندڙ ملازمن وٽ پھچي معاملي کي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد اڄ يونيورسٽي انتظاميا ۽ ملازمن وچ ۾ ڳالھيون رٿيون ويون هيون، جيڪي نھ ٿي سگھيون.

ڳالهيون رد ٿيڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميا جي  حڪم تي اينٽي انڪروچمينٽ عملي چانڊڪا ڪاليج پھچي مک گيٽ وٽ لڳل ڪيمپ پٽرائي ڇڏي

ڪيمپ پٽجڻ بعد ملازمن يونيورسٽي اندر ريلي ڪڍي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، جنهن دوران وڏي انگ ۾پوليس اٽالا به طلب ڪيا ويا

ملازم اڳواڻن چيو ته اسان کي ڳالھين لاءِ گھرايو ويو هو، پر وي سي سيڪريٽريٽ وٽ سڪيورٽي وارن اندر نھ ڇڏيو، جنھن ڪري واپس ٿياسين

هنن چيو ته انتظاميا طرفان ڪيمپ پٽي اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آھي

ملازم اڳواڻن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا ليو ان ڪيشمينٽ سميت ٻيا مطالبا تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

چانڊڪا ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڪي داس چيو ته  ملازمن طئي ڪيو هو تھ وي سي سان ڳالهائڻ لاءِ 3 اڳواڻ ايندا، 3 ڪلاڪ وي سي ملازمن جو انتظار ڪيو، جنھن بعد ملازم ٻھ گاڏيون ڀري آيا

هن چيو ته ملازمن جي واعدي خلافي سبب ڳالھيون نھ ٿيون، ملازم گيٽ تان به پاڻ واپس موٽي ويا  آهن

هن چيو ته ليو ان ڪيشمينٽ بابت نيب جي منع ٿيل آھي، قانون بھ اجازت نھ ٿو ڏي، سينڊيڪيٽ بھ  ليو ان ڪيشمينٽ کي رد ڪري چڪي آھي، باقي ملازمن جا ٻيا مطالبا پورا ڪيا ويا آھن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*