اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس قرضن جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو

اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس قرضن جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو، عوام دشمن بجيٽ، سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ ۽  حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ چئني صوبن ۾ گڏيل جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 8 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ملڪي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

هن چيو ته اي پي سي ۾ عوام دشمن بجيٽ کي رد ڪيو ويو آهي، بجيٽ خلاف اپوزيشن جماعتون پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج ڪنديون

سندس چوڻ هو ته نااهل حڪومت کان نجات ڏيارڻ لاءِ اپوزيشن پاران تحريڪ هلائي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ سياسي جماعتون عوامي رابطا مهم شروع ڪنديون

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته 25  جولاءِ تي ڪارو ڏهاڙو ملهايو ويندو، جنهن بعد چئني صوبن ۾ گڏيل جلسا منعقد ڪيا ويندا

جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته آئين ۽ قانون تحت سينيٽ چيئرمين کي هٽايو ويندو، نئين سينيٽ چيئرمين جي مقرري جو فيصلو قائم ٿيندڙ رهبر ڪميٽي ڪندي

هن چيو ته اجلاس ۾ اتر وزيرستان جي گرفتار ايم اين ايز جا پراڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ سياستدانن خلاف احتساب کي رد ڪيو آهي، ملڪ ۾ احتساب جو نئون نظام جوڙيو وڃي، اي پي سي ۾ نواز شريف سان ملاقات تي پابندي ۽ سندس علاج نه ڪرائڻ جي به مذمت ڪئي وئي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ججز خلاف ريفرنس عدليا تي حملو آهي، اهو واپس ورتو وڃي، جمهوري حقن لاءِ اسان جدوجهد جاري رکنداسين، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي

هن چيو ته اي پي سي ۾ ميڊيا تي پابندي، پارلياماني نظام ۽ 18هين ترميم خلاف ٿيندڙ سازشن جي مذمت ڪئي وئي، اسان ملڪي ادارن جي بقا لاءِ مزاحمت ڪنداسين

مولانا فصل الرحمان  چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ شامل اپوزيشن جا ميمبر استعيفائون ڏيندا، ملڪ کي بچائڻو آهي ته معيشت کي سڌارڻو پوندو،  جلد رهبر ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلن تي عمل ڪندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*