لاڙڪاڻو شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ ملازمن وچ ۾ ڇڪتاڻ

شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي  جي ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ڇڏيو، انتظاميا پوليس جي نفري طلب ڪري ورتي آهي.

شھيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي انتظاميا ۽ ملازمن وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.

شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جا ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڪنهن کي به يونيورسٽي جي اندر يا ٻاهر نه پيو ڇڏيو وڃي،

جڏهن ته  انتظاميا طرفان پوليس نفري به طلب  ڪئي وئي آهي.

ملازمن چانڊڪا ڪاليج بي بي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي گيٽ تي ٻيھر احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي،جڏهن ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾

ملازمن پاران هڙتال ڪئي وئي آهي.

شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيئر استادن سميت سموري فيڪلٽي ميمبرن پاران اڄ ملازمن جي رويي خلاف آڊيٽوريم ھال ۾ گڏجاڻي طلب ڪري وئي آهي،

جڏهن ته استعيفائن جو چتاء به ڏنو ويوآهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينھن ضلعي انتظاميا جي حڪم تي اينٽي انڪروچمينٽ عملي ملازمن جي بک ھڙتال واري ڪيمپ پٽي ڇڏي هئي.

رات دير وي سي سيڪريٽريٽ ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش جي موجودگي ۾ ملازمن ۽ سينير استادن وچ ۾ منھن ماري ۽ ڇڪتاڻ بعد رحمت پور ٿاڻي تي ملازمن

خلاف ڪيس به ڪرايو ويو ھو.

ڊي آء جي مداخلت تي وي سي سيڪريٽريٽ ۽ چانڊڪا ڪاليج ۾ پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*