افغان صدر اشرف غني جو وزير اعظم هائوس ۾ شاندار استقبال 

پاڪستان ياترا تي پهتل افغان صدر اشرف غني وزير اعظم هائوس پهچي ويو،جتي پرڏيهي مهمان کي  گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

افغان صدر اشرف غني ، وزير اعظم هائوس پهتو،جتي  وزيراعظم عمران خان مهمان صدر جي پرجوش آجيان ڪئي.

 ٻنهي سربراهن ۾ ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ ۽ افغان امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ان کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  سان افغان صدر اشرف غني  ملاقات ڪري افغان سرچاءَ عمل ۽ ٻه طرفن لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ملاقات  ۾ صدر اشرف غني، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار  جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته معيشت ۽ عوامي رابطن ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ٻنهي ملڪن ۾ مواصلات، توانائي، ثقافت، عوامي رابطن، ۽ امن ۽ ڀائيچاري  لاءِ جوڙيل حڪمت عملي  تي عمل ڪندي عوام جي ڀلائي تي اتفاق ڪيو ويو.

شاهه محمود قريشي  جو چوڻ هو ته  اشرف غني  جي دوري سان  ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ آساني ٿيندي.افغان سربراهه جي دوري سان ٻه طرفن لاڳاپن ۾ استحڪام ايندو.

ان کان اڳ افغان صدر اشرف غني ٻن ڏينهن جي دوري تي  اسلام آباد پهتو.افغان صدر اشرف غني اڄ صبح ڪابل کان اسلام آباد پهچي ويو ، پاڪستان پهچڻ تي واپار

واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود  افغان  صدر جو استقبال ڪيو.

افغان صدر اشرف غني  سان گڏ وزيرن ۽ سيڙپڪارن جو وفد گڏ  آهي،جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپ جي موقعن بابت ڄاڻ حاصل ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*