سياسي آقائن جي اشارن تي ماڻهن کي پريشان ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي: سعيد غني

مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي پر واٽر بورڊ ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جا ماڻهو مسئلا  وڌائي رهيا آهن،

سياسي آقائن جي اشارن تي ماڻهن کي پريشان ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي: سعيد غني

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارا ووٽ وٺي ايوان ۾ آيا آهن پر هيل تائين ڪراچي جي عوام لاءِهڪ

لفظ به ناهي ڳالهايو، سرڪلر ريلوي جي نالي تي ماڻهن جا گهر ڊاهيا ويا پر هي خاموش هئا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب متاثر ٿيل ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جَي نالي تي ناڪاري سياست ڪري رهي آهي، هي ڀَلي منهنجي

خلاف بينر لڳائي مهم هلائين پر مون کي ڪو به فرق نه پوندو.

مڪاني ادارن واري وزير چيو ته رڳو ڪراچي ۾ نه پر ملڪ جَي ٻين شهرن ۾ به پاڻي کوٽ ۽ ورڇ جو مسئلو آهي، ايم ڪيو ايم وارا واٽر بورڊ ۾ ويٺل آهن،

اهي پاڻي جا مسئلا پيد اڪري رهيا آهن، سياسي آقائن جي اشارن تي عوام لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سعيد غني چيو ته شرجيل ميمڻ بهادري سان ڪيسز جو مقابلو ڪيو آهي، هو بري نه پر ضمانت تي آزاد ٿيو آهي،  شرجيل جي ضمانت واري معاملي کي به

ماڻهو ڊيل جو نالا ڏئي رهيا آهن.

هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اپوزيشن سمجهي ٿي ته سينيٽ چيئرمين آئيني ڪردار ادا ناهي ڪيو، ان ڪري کيس تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*