بلوچستان جي عوام کي ماضي جيان هڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا: اختر مينگل

وفاقي حڪومت،بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر مينگل کي خاطري ڪرائي آهي ته غائب ڪيل بلوچ سياسي ڪارڪنن

جي بازيابي سميت 6 نقطن تي عمل ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ سردار اختر مينگل سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي دفاع جي وزير پرويز خٽڪ چيو ته گوادر ۾ ٻاهران ايندڙن

کي سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏنا ويندا،ان سلسلي ۾ اسيمبلي ۾ بل آندو ويندو.

سردار اختر مينگل چيو ته وزير اعظم اڳيان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ مالياتي ٺاهه مان ڪٽوتين

جي حمايت نه ڪنداسين.

سردار اختر مينگل چيو ته آئين ۾ پهريان ئي گهٽ صوبائي خودمختياري آهي،ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي کي قبول نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته سياسي ماڻهو آهيون،بلوچستان جي مسئلي  کي سياسي طور تي حل ڪرڻ گهرون ٿا .

هن چيو ته سياسي اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي ، جيڪا بلوچستان وڃي فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ تيار ڪري.

اختر مينگل چيو ته وزير اعظم خاطري ڪرائي آهي ته جلد ئي غائب ڪيل ماڻهن جي معاملي تي اڳڀرائپ ٿيندي.

هن واضح ڪيو ته بلوچستان جي عوام کي ماضي جيان هڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

هن چيو ته حڪومت پاران ڪيل ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ تي وڇوٽيون پئدا ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*