وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه دوست ڪراچي ۽ اندروني سنڌ سڏين ٿا، سنڌ اندروني يا بيروني ناهي، سنڌ،سنڌ ئي  آهي

سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو  آهي نئين مالي سال بجيٽ گهڻا ٽيڪس  لاڳو نه ڪيا ويا آهن، خاص طور تي شهري علائقن ۾ ٽيڪس نيٽ برقرار رکيو ويو آهي،سنڌ اسميبلي ۾ فنانس بل پيش ڪرڻ دوران وڏي وزير چيو ته اپوزيشن ڀَلي احتجاج ڪري پر ڌرتي خلاف هڪ لفظ به نه ٻڌندس،ڪجهه دوست ڪراچي ۽ اندروني سنڌ سڏين ٿا، سنڌ اندروني يا بيروني ناهي، سنڌ،سنڌ ئي  آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مراد علي شاهه چيو  ته ته بجيٽ ۾ ايتري ٽيڪس ناهي لڳائي وئي، خاص طور تي شهري علائقن ۾ ٽيڪس نيٽ برقرار رکي وئي آهي

هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران صوبي کي هڪ سئو 26 ارب رپيا ملڻا هئا پر اهي اڃا تائين ناهن ڏنا ويا، جيڪڏهن وفاق اسان جي رهيل رقم ڏني ته ايندڙ اجلاس ۾ ٽيڪس گهٽائي ڇڏينداسين

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٽيڪس سان ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي ڪو به بار نه پوندو

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه دوست ڪراچي ۽ اندروني سنڌ سڏين ٿا، سنڌ اندروني يا بيروني ناهي، سنڌ،سنڌ ئي  آهي

وڏي وزير جي اهڙي جملي تي اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي وڏي وزير جي رويي کي نامناسب قرار ڏيندي واڪ آئوٽ ڪيو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اپوزيشن ڀَلي احتجاج ڪري پر ڌرتي خلاف هڪ لفظ به نه ٻڌندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*