پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي اين پي سربراهه اختر مينگل وچ ۾ ملاقات ٿي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي اين پي سربراهه اختر مينگل وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن دوران اڳواڻن ۾ بي اين پي جي ڇهن نقطن ۽ گرفتار ايم اين ايز جي پراڊڪشن آرڊرز واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن جو  چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري اختر مينگل کي چيو ته اوهان ڀلي پنهنجن 6 نڪتن تي عمل لاءِ پي ٽي آءِ سان گڏ رهو

ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سردار اختر مينگل کي چيو ته پراڊڪشن آرڊرز واري معاملي تي اوهان اپوزيشن جماعتن جو ساٿ ڏيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گرفتار ايم اين ايز جي پراڊڪشن آرڊرز واري معاملي تي اتفاق ڪيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*