وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺندي صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ اسلام آباد جي ڪمشنر کي پرائس ۽ مارڪيٽ ڪميٽيز کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي

وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺندي صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ اسلام آباد جي ڪمشنر کي پرائس ۽ مارڪيٽ ڪميٽيز کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته عام واهپي جي قيمتن ۾بنا جواز اضافو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺندي صوبائي سيڪريٽريز کي اوچتا دورا ڪري اگهن جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ فيلڊ انتظاميا جي بنيادي ذميواري آهي، قيمتن ۾بنا جواز اضافو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

وزيراعظم عمران خان چيو ته جزا ۽ سزا تي ٻڌل ڪارڪردگي جاچڻ جو پيمانو به مقرر ڪيو وڃي

وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل برانچ کي روزاني جي بنياد تي اهڙن حڪمن تي عمل واري رپورٽ پيش ڪئي وڃي

وزيراعظم چيو ته پرائيز اينڊ ڪنٽرول ڪميٽيز اگهن جي فهرست جاري ڪري ان تي عمل ڪرائين، نيلامي جي دوران اگهن جي مناسب تعين کي به يقيني بڻايو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*