نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مفادن جي خاطر تمام گهڻي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جڏهن اناڙي ملڪ هلائيندا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو

نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مفادن جي خاطر تمام گهڻي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جڏهن اناڙي ملڪ هلائيندا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو

ملڪ جي معاشي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ مريم نواز چيو ته عالمي ايجنسي فچ پاڪستان کي معاشي حالت ۾ ناڪاري قرار ڏنو آهي

هن چيو ته ايجنسي موجب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان اڳ رپئي جي قدر 142 تائين هئي ۽ هاڻي 160 ٿي وئي آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب ڊالر 164 رپين جو ٿي ويو آهي

مريم نواز چيو ته ملڪ هڪ اهڙي شخص حوالي ڪيو ويو آهي جنهن کي معاشي حالتن جو ڪو به تجربو نه آهي، مفادن جي خاطر تمام گهڻي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي

مريم نواز چيو ته نواز شريف سان اڄ رڳو 5 ويجهن مائٽن سان سخت نگراني ۾ ملاقات ڪرائي وئي، جيڪا بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي

سندس چوڻ هو ته الله نه ڪري، نوازشريف کي ڪجهه ٿيو ته 22 ڪروڙ عوام کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪنهن جي ڳلي ۾ هٿ وجهڻو آهي

هن چيو ته حڪومت خلاف سخت تنقيد تي اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جعلي وزيراعظم

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*