اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان حڪومت ضرور ڪيرائڻ چاهيون ٿا پر جمهوريت کي تباهه نه ٿا ڪرڻ چاهيون

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان حڪومت ضرور ڪيرائڻ چاهيون ٿا پر جمهوريت کي تباهه نه ٿا ڪرڻ چاهيون، آئون نه ٿو سمجهان اسان سڀني ۾ ڪا ٻاهر جي سياسي طاقت آهي،  اي پي سي جي ايندڙ حڪمت عملي عوام لاءِ خوشخبري آڻيندي.

پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته بلوچستان جا مسئلا سنگين هئا، سوچيو هو ته بلوچستان مان ايندڙ چيئرمين بهتري آڻيندو پر هن صوبي لاءِ ڪا ڳالهه نه ڪئي نه ئي ڪو ڪم ڪيو.

هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي ڏهن مهينن جي ڪارڪردگي سڀني ڏٺي، هو پاڻ گهمي پيو ۽ ٻين کي به گهمائي پيو، هن ڪو به عملي ڪم نه ڪيو ۽ نه ئي ڪا ڳالهه ڪئي

آصف زرداري چيو ته سينيٽ چيئرمين جي تبديلي ٻڌائيندي ته اسان هڪ ئي سوچ سان گڏ آهيون، نئين سينيٽ چيئرمين جو فيصلو رهبر ڪميٽي ڪندي

سندس چوڻ هو ته حڪومت کي احساس ناهي ته عوام سان ڇا ٿي رهيو آهي، ماڻهن کي ڪرنسي تي اعتبار نه رهيو آهي، ڊالر ٻاهر وڃي رهيو آهي

آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان جي دور ۾ به آءِ ايم ايف هئي پر شرط اسان پنهنجا ئي رکيا هئا، آئون ڪڏهن به آءِ ايم ايف ٽيم سان نه مليو هئس پر عمران خان ته آءِ ايم ايف وارن سان پاڻ ملي رهيو آهي انهن جا شرط به تسليم ڪري پيو.

آصف زرداري وزيراعظم پاران افغان صدر کي پاڻ وڃي استقبال نه ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته باقي دوستن جي استقبال لاءِ پاڻ هليو ويو، افغانستان اسان جو دوست ۽ پاڙيسري آهي، عمران خان گستاخي ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*