ڪراچي ۾ ٽن ڪارخانن کي باهه لڳي وئي ٻن ڪارخانن جي باهه تي ضابطو آڻيو ويو

ڪراچي ۾ ٽن ڪارخانن کي لڳل باهه لڳي وئي، جن مان ٻن ڪارخانن جي باهه وسائي وئي آهي، جڏهن ته هڪ ڪارخاني کي لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي آهي ۽ اُلا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۽ هارون آباد ۾ ٽن فيڪٽرين کي باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطي لاءِ فائر برگيڊس کي طلب ڪيو ويو.

فائر برگيڊ جي سورنهن گاڏين هارون آباد ۾ ٻن فيڪٽرين کي لڳل باهه تي ضابطو آندو آهي، جڏهن ته شير شاهه ۾ پلاسٽڪ جي فيڪٽري ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي آهي.

شير شاهه واري فيڪٽري جي باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون آهن ۽ گذريل هڪ ڪلاڪ کان فائر فائيٽرس باهه تي ضابطو آڻڻ واري ڪارروائي ۾ رُڌل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*