وڏي وزير مراد علي شاه جو نارو جي ماڪڙ سٽيل علائقن جو دورو

وڏي وزير مراد علي شاهه نارو جي دوري دوران ماڪڙ تي ضابطي لاءِ جاري اسپري واري عمل تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي،

وڏي وزير  چيو آهي ته آبادي کي نقصان جي خدشي سبب هوائي اسپري ڪرائڻ مناسب نه آهي.

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ فصل کائي چــَٽ ڪندڙ ماڪڙ تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه زراعت واري وزير اسماعيل راهو سان گڏ نارو جي ماڪڙ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو آهي.

وڏي وزير ماڪڙ تي ضابطي لاءِ جاري اسپري واري عمل تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي وڏي وزير  چيو ته آبادي کي نقصان جي خدشي سبب هوائي اسپري ڪرائڻ مناسب نه آهي.

مراد علي شاهه چيو ته، وفاقي سرڪار اسپري ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 4 گاڏيون فراهم ڪري.

واضح رهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  سڪرنڊ ويجهو کڏهر ۾ فصل کي نقصان ڏيندڙ  ماڪڙ جو به دورو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*