مشڪل معاشي صورتحال مالياتي بدانتظامي جو نتيجو آهي: آرمي چيف قمر جاويد باجوه

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو آهي ته مشڪل معاشي صورتحال مالياتي بدانتظامي جو نتيجو آهي ملڪ کي معاشي بحران

مان ڪڍڻ لاءِ کلي ڪري بحث ڪرڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ ڊفينس يونيورسٽي  ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته معاشي ڪاوشون ڪامياب بنائڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار

ادا ڪرڻو پوندو،فوج اقتصادي محاذ تي  بجيٽ  ۾سالياني واڌ نه وٺي ڪري  پنهنجو حصو ادا ڪيو آهي.

جنرل قمر جاويد باجوهه چيو ته معيشت کي سڌارڻ لاءِ ڏکيا فيصلا  ڪرڻا پوندا، مشڪل معاشي فيصلن سان قومن جي ڪاميابي  جا مثال موجود آهن،

معاشي قدمن جي ڪاميابي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو  پوندو.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف ،سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

فوج جي سربراهه چيو ته ملڪ کي مشڪل معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،قومي اهميت جي معاملن تي کلي ڪري ڳالهائڻ جي ضرورت آهي،

هن قسم جي سيمينارز  جي گهڻي اهميت آهي.

آرمي چيف چيو ته معاشي خودمختياري کانسواءِ ملڪي استحڪام ممڪن ناهي، حڪومت سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي  گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته معاشي خودمختياري کانسواءِ  آزاديءَ جو ڪوبه تصور ڪري نٿو سگهجي.

جنرل باجوهه چيو ته مشڪل معاشي فيصلا نه ڪرڻ سان ڏکيائن ۾ اضافو ٿيندو،معاشي خودمختياريءَ کانسواءِ  قومي استحڪام ممڪن ناهي،

معيشت ۽ سيڪيورٽي جو پاڻ  ۾گهرو ڳانڍاپو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*