سنڌ ۾ مختلف جهيڙا ،فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سنڌ ۾ مختلف ڌرين ۾ ڌار ڌار جهيڙن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ميا صاحب ويجهو بخشل اسٽاپ وٽ  ڪلر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو دين محمد ڪلر مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.

هوڏانهن پنو عاقل ويجهو ڳوٺ امام بخش انڍڙ ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 20ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي استپال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ راشد، اسحاق، اياز،اسماعيل، واجد ، فرزانه ، فاروق، علي محمد ، مسمات وزيران، نويد ، حبيبان، خليل شامل آهن.

اسپتال ۾ زخمي سونو، عبدالخالق، سجاد ، صاحب خاتون ، لطف الله ۽ ٻين کي طبي امداد ڏني  وئي.

ٻئي طرف اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ مٽرڪوٽ ۾ پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙِي دوران ڪهاڻيون لڳڻ سبب سيول  پنهور، ممتاز گل، محمد پنهور ۽ محمد نواز سخت زخمي ٿي پيا، جن کي رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*