فيض گنج ۾ 17ورهين جي نوجوان پکي ۾ رسو ٻڌي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

فيض گنج ۾ نوجوان پکي ۾ رسو ٻڌي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، وارثن جو چوڻ  آهي ته نوجوان ذهني مريض هو.

17 ورهين جي نوجوان ظهور احمد شر ڇت واري پکي ۾ رسو ٻڌي مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.

اطلاع تي وارثن نوجوان جو مڙهه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو، جنهن کي پڻ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف نفسياتي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو هو.

وارثن چيو ته نوجوان جي طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري هن اڄ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*