دادو ويجهو رينجرز ۽ پوليس ڦڪا شاخ ۽ بکراڻي شاخ تي پاڻي چوري خلاف ڪارروائي ڪندي غير قانوني دڪا ۽ پائيپ هٽائي ڇڏيا

دادو ويجهو رينجرز ۽ پوليس ڦڪا شاخ ۽ بکراڻي شاخ تي پاڻي چوري خلاف ڪارروائي ڪندي غير قانوني دڪا ۽ پائيپ هٽائي ڇڏيا، جڏهن ته ڇاپي دوران پاڻي چوري ۾ ملوث آبادگار فرار ٿي ويا

پاڻي چوري جي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪندي ڦڪا ۽ بکراڻي شاخن ۾ لڳل غير قانوني دڪا ۽ مشينون هٽائي ڇڏيون

پڇڙي جي آبادگارن موجب آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کي پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن ۽ ڇاپن دوران اهي پاڻي چورن کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد ڪرائن ٿا

هنن چيو ته پاڻي چوري ۾ ملوث آبادگارن کي گرفتار ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*