سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڄ ملٽري ۽ سويلين ليڊرشپ هڪ پيج تي آهي، آرمي چيف جو بيان اميد جي هڪ آس بڻجي سامهون آيو آهي

سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڄ ملٽري ۽ سويلين ليڊرشپ هڪ پيج تي آهي، آرمي چيف جو بيان اميد جي هڪ آس بڻجي سامهون آيو آهي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي تقرير تي ردعمل ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سويلين ۽ ملٽري ليڊرشپ قوم جي بقا ۽ ترقي لاءِ هڪ پيج تي آهي

هن چيو ته جڏهن قوم اهڙين ڏکيائين کي منهن ڏيندي آهي ته ليڊر شپ کي سامهون اچي خطاب ڪرڻو پوندو آهي، اڄ قوم ڏکئي  وقت مان گذري پئي ۽ معاشي حالتن ۾ اسان کي مختلف چئلينجز درپيش آهن

سندس چوڻ هو ته آرمي چيف چيو آهي ته ملڪ جي بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، وزيراعظم گذريل ڏينهن قوم کي اعتماد ۾ ورتو ۽ اڄ آرمي چيف جو بيان اميد جي آس بڻجي سامهون آيو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته آرمي چيف دفاعي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪري قوم جي بهتري لاءِ ڏکيو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، سڀ ڏسندا ته قوم جلد ڏکين حالتن مان نڪري ويندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*