اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جو نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي بابت مشاورتي اجلاس ٿيو
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جو نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي بابت مشاورتي اجلاس ٿيو، ذريعن موجب نئين سينيٽ چيئرمين جي فهرست ۾ نواز ليگ جو سينيٽر پرويز رشيد پهرين نمبر تي اچي ويو آهي.
ذريعن موجب پارليامينٽ اندر ڊپٽي سينيٽ چيئرمين سليم مانڊوي والا جي چيمبر ۾ آصف زرداري سان اپوزيشن جي وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي تي غور ويچار ڪيو ويو
ذريعن جو چوڻ آهي ته
جي صدارت هيٺ پ پ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ رحمان ملڪ، شيري رحمان، نيئر بخاري سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ واري طريقيڪار ۽ نئين سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوارن جي نالن تي غور ويچار ڪيو ويو
ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي اجلاس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي فيصلن تي عمل لاءِ پارٽي حڪمت عملي جوڙڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو