سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  ماڪڙ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناري کانپوءِ مٽياري، ڀان سيد آباد ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو

سيد مراد علي شاهه چيو ته ماڪڙ تي ضابطو نه آيو ته وڏي تباهي ايندي ،ماڪڙ جي حملي بعد پلانٽ پروٽيڪشن ڊويزن سان رابطو ڪرڻ تي پتو پيو ته پلانٽ پروٽيڪشن لاءِ 17 جهاز خريد ڪيا ويا، جن مان 6 جهاز موجود آهن پر رڳو هڪ جهاز فعال آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  ماڪڙ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناري کانپوءِ مٽياري، ڀان سيد آباد ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو، جنهن دوران عملدارن پاران ماڪڙ تي ضابطي لاءِ  ورتل اپائن بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.

 ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ماڪڙ تي ضابطي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن  ضابطو نه آيو ته وڏي تباهي ايندي

سيد مراد علي شاهه چيو ته ماڪڙ جي حملي بعد پلانٽ پروٽيڪشن ڊويزن سان رابطو ڪرڻ تي پتو پيو ته پلانٽ پروٽيڪشن لاءِ 17 جهاز خريد ڪيا ويا، جن مان 6 جهاز موجود آهن پر رڳو هڪ جهاز فعال آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت کي ڪوبه خطرو نه آهي ۽ نه وري پ پ ۾فارورڊ بلاڪ ٺهي پيو

 وڏي وزير چيو ته وفاق کان پوري رقم نه ملڻ سبب ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪار آھن، وفاقي حڪومت 665 ارب ھلندڙ سال ڏيڻ جو چيو ھو جن مان 505 ارب ڏنا ويا آھن، 140 ارب ڏيڻ جي  اڄ آخري تاريخ آهي .

هن چيو ته وفاق کان رقم نه ملڻ سبب ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪار آهن،گذريل سال صوبائي ۽ ضلعي اي ڊي  پي تي 205 ارب خرچ ڪيا ھئا ۽ ھن سال 110 ارب رکيا آھن ۽ غير ترقياتي  بجيٽ تي  ڪيترائي ڪٽ ھنيا آھن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*