پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ جي منظوري کي تاريخي ڌانڌلي قرار ڏيندي ان کي سنڌ مٿان حملو قرار ڏئي ڇڏيو

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ جي منظوري کي تاريخي ڌانڌلي قرار ڏيندي ان کي سنڌ مٿان حملو قرار ڏئي ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نالائق حڪومت ڌانڌلي ذريعي 2 بل پاس ڪرايا آهن، هاڻي عوام وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي، هارين ۽ پورهيتن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي.

وفاقي حڪومت پاران قومي اسيمبلي مان بجيٽ منظور ڪرائڻ تي پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت غريبن تي مهانگائي جو بار وجهي اميرن کي رليف ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته بجيٽ ۾ سنڌ ۽ ٿرڪول تي حملو ڪيو ويو آهي، نالائق ۽ نااهل حڪومت ٿر ڪول تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري سنڌ تي حملو ڪيو آهي

سندس چوڻ هو ته هيءَ پي ٽي آءِ جي نه پر پي ٽي آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، هيءَ سلسلو ائين ئي هلندو رهيو ته پوءِ هيءَ نظام هلي نه سگهندو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اهڙي بجيٽ پاس نه ٿي آهي، موجوده اسپيڪر کان ته گهڻو جانبدار آمر ضياءَ الحق ۽ مشرف جي دور جا اسپيڪر هئا، اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ميمبرز کي ڳالهائڻ به نه ٿو ڏنو وڃي.

پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، هاڻي عوام جي ٻاهر نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان ڪيستائين اهڙن ڪٺ پتلين کي برداشت ڪنداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*