قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال لاءِ 8 هزار 238 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال لاءِ 8 هزار 238 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسيمبلي ۾ فنانس بل به اڪثريت راءِ منظور ٿي ويو جڏهن ته اپوزيشن جون ڪٽوتي واريون سموريون رٿون رد ٿي ويون.
قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ فنانس بل جي شق وار منظوري لاءِ غور هيٺ آڻڻ واري رٿ منظور ڪئي وئي جنهن بعد فنانس بل جي شق وار منظوري ڏني وئي.
قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 2019 ۽ 20ع لاءِ 8 هزار 238 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي ۾ فنانس بل به اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويو
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن جون ڪٽوتي واريون سموريون رٿ رد ڪيون ويون
فنانس بل جي منظوري خلاف نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ميمبرن پنهنجن سيٽن تي بيهي سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي
وفاقي بجيٽ جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 11هين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو
بجيٽ دستاويزن موجب وزيراعظم سيڪريٽريٽ لاءِ هڪ ارب 17 ڪروڙ رپيا رکيا ويا جڏهن ته گذريل سال 98 ڪروڙ 60 لک رپيا هئ