اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجن پيرن تي بيهجي ويو آهي، هاڻي کيس ڪا به پريشاني نه آهي، بلاول مڪمل طور تي سياسي محاذ سنڀالي ورتو آهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجن پيرن تي بيهجي ويو آهي، هاڻي کيس ڪا به پريشاني نه آهي، بلاول مڪمل طور تي سياسي محاذ سنڀالي ورتو آهي

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ آصف زرداري سان مختلف اڳواڻن جي وفدن ملاقات ڪئي جنهن دوران اڳوڻي صدر مختصر ڳالهه ٻولهه به ڪئي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سياست ڇڏڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته هو هاڻي آرام ڪرڻ ۽ پنهنجيون ذمينون سنڀالڻ چاهي ٿو

آصف زرداري جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري شادي لاءِ راضي ٿي ويو آهي، هاڻي ان لاءِ ڪنوار به ڳولڻي آهي، هونهن به اها عمر هاڻي پوٽا ۽ پوٽيون کيڏائڻ جي آهي

آصف زرداري جو چوڻ هو ته پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وٽ پنهنجي لاءِ هاڻي وقت ئي نه آهي، ان لاءِ ڪنوار ڳولڻ جو ڪم اسان کي ئي ڪرڻو پوندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*