راولپنڊي ۾ هڪ مولوي جو مدرسي جي ٻار تي تشدد، پنجاب حڪومت جي ترجمان شهباز گل نوٽيس ورتو

راولپنڊي جي ڍوڪ ڪشميريان واري علائقي جي مسجد ۾ هڪ ٻار تي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ٻار تي تشدد ۾ ملوث مولوي

کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻار کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پنجاب حڪومت جي ترجمان شهباز گل معاملي جو نوٽيس ورتو هو.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ مسجد اندر هڪ ٻار کي ابتو ٽنگي کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ جا منظر نظر اچي رهيا آهن، ٻار خوف ۽ دهشت وچان رڙيون ڪندي نظر پيو اچي.

پنجاب حڪومت جي ترجمان شهباز گل جو چوڻ آهي ته وڏي وزير عثمان بوزدار پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد راولپنڊي پوليس کي ڪارروائي جو حڪم

ڏنو ويو هو. شهباز گل واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته تشدد ۾ ملوث مولوي کي گرفتار ڪري ٻار کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته والدين پنهنجن ٻارن کي ديني تعليم لاءِ مدرسن يا مسجدن ڏانهن موڪلڻ بعد سندن سار ضرور لهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*