موسميات کاتي ڪراچي وارن لاءِ خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، مٿاهين سنڌ ۾ برسات جا امڪان
موسميات کاتي اڄ ڪراچي شهر ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جا ميداني علائقا گرمي هيٺ رهندا،
ڪراچي، هزاره ڊويزن، مالاڪنڊ ڊويزن، بنون ۽ گلگت بلستان ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ڪراچي وارن لاءِ خوشبخري ٻڌائي ڇڏي آهي، موسميات کاتي اڄ شهر ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اربع ڏهاڙي کان خيبرپختونخواهه، پنجاب، اسلام آٻاد، بلوچستان مٿاهين سنڌ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي،
جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات ٿيندي.
موسميات کاتي موجب، اربع کان خميس ڏهاڙي دوران مڪران، قلات، زوب ۽ ڊي جي خان ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، خميس کان جمعي تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.