وزير اعظم جي قيادت ۾ عوام جي جدوجهد ۽ قرباني رنگ لائيندي: فردوس عاشق اعواڻ

وزير اعظم جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بجيٽ جي منظوري اپوزيشن جي شڪست آهي.

مخالف ڌر کي هر محاذ تي مات ڏينداسين،حڪومت قوم جي مفاد ۾ سمورا قدم کڻندي.

سماجي ويب سائيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم جي قيادت ۾ عوام جي جدوجهد ۽ قرباني رنگ لائيندي.

هن چيو ته عوام جي حڪومت عوام جي روشن مستقبل لاءِ  جرئتمندي  وارا فيصلا ڪري رهي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ عوام جي جدوجهد ۽ قرباني رنگ لائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*