نيب مسلم ليگ نون جي اڳواڻ راڻا مشهود کي آمريڪا وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

مسلم ليگ نون  جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي  وزير راڻا مشهود کي آمريڪا وڃڻ کان روڪيو ويو.

نيب راڻا مشهود کي اٺ جولائي تي طلب ڪري ورتو.

ميڊيا رپورٽس مطابق  مسلم ليگ نون  جو اڳواڻ راڻا مشهود نجي ايئر ويز   جي اڏام ذريعي  آمريڪا وڃڻ لاءِ

پهتو ته ايف آئي اي  اميگريشن  جي عملدارن کيس جهاز تان لاهي ورتو.

اميگريشن عملدارن  ليگي اڳواڻ کي ٻڌايو ته نيب يوٿ فيسٽيول  ۾ مبينا ڪرپشن  ۾ جاچ ڪري رهي آهي.

رپورٽس مطابق نيب راڻا مشهود جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي.

ان موقعي تي راڻا مشهود ۽ عملدارن ۾ ڏند چڪ ٿيا،نيب سان رابطي کانپوءِ ليگي اڳواڻ کي گهر وڃڻ ڏنو ويو.

ٻئي طرف نيب ن ليگ اڳواڻ راڻا مشهود کي اٺ جولائي تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*