ڪراچي ۾ ڀتي خوري ڪندڙ هڪ عورت سميت 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي پوليس ميڊيا جي نالي تي ڀتي خوري ڪندڙ هڪ عورت سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي ڏکڻ شيراز نذير موجب بوٽ بيسن واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ميڊيا جي نالي تي ماڻهن کي بليڪ ميل

ڪري ڀتو صول ڪندڙ ٽولي جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت ايمان نوجوانن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هئي ۽ بعد ۾ ملڻ جو چئي ڪري

بليڪ ميل ڪندي هئي ۽ کائنن هزارين رپيا وصول ڪندي هئي.

ايس ايس پي ٻڌايو ته عورت پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ساڻس ملڻ لاءِ آيل نوجوانن کي تصويرون ميڊيا تي هلائڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*