ڪراچي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي

ڪراچي ۾ ڪي ايم اسي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي  آهي، ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪي ايم سي جي بجلي ڪاٽا ڪرڻ کانپوءِ

ڪي ايم سي جي عملي  شاهراهه قائدين تي ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس کي حددخليون ڄاڻائي ڊاهي ڇڏيو، جڏهن ته شاهين ڪامپليڪس آڏو ايلنڊر روڊ به خالي ڪرايو ويو آهي.

ڪي اليڪٽرڪ پاران رهتون ڄاڻائي ڪي ايم سي جي بجلي ڪاٽڻ واري معاملي کانپوءِ ٻنهي ادارن ۾ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي.

اڄ ڪي ايم سي جمشيد ڊويزن جي عملي  اينٽي انڪروچمينٽ سان گڏجي جوبلي چورنگي جي ڀرپاسي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي.

شاهراهه قائدين تي قائم ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس حددخليون ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪئي وئي، جڏهن ته شاهين ڪمپليڪس سامهون ايلنڊر روڊ به خالي ڪرايو ويو.

ڪي ايم سي عملي جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ عملي ايلنڊر روڊ تي قبضو ڪري اتي رڪشا اسٽينڊ ٺهرايو هو، عدالتي حڪمن تحت ڪارروائي ڪئي وئي ته

ڪي اليڪٽرڪ عملي مٿن حملي جي ڪوشش ڪئي.

ڪي ايم سي عملي جو چوڻ آهي ته حددخلين خلاف ڪارروائي عدالتي حڪمن تحت ڪئي وئي آهي پر ڪي اليڪٽرڪ عملو رنڊڪ وجهي رهيو آهي.

ڪي اليڪٽرڪ عملي جو چوڻ آهي ته هنن ڪارروائي ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي وڌي، ڪي ايم سي ڏانهن رهتن جي ادائيگي لاءِ نوٽيس موڪليو ويو هو، رد

عمل ۾ ڪارروائي ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته گذريل رات ڪي اليڪٽرڪ پاران رهتون ڄاڻائي ڪي ايم سي جي بجلي ڪاٽي وئي هئي، جڏهن ته بجلي ڪاٽا ڪرڻ سبب ميئر وسيم اختر

کي ايمرجنسي لائيٽس ٻاري اجلاس جي صدارت ڪرڻي پئي هئي ۽ سٽي ڪائونسل جو اجلاس به کليل آسمان هيٺ هلايو ويو هو.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*