حڪومت قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ منظور نه پر بلڊوز ڪرائي آهي: آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيوآهي ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ منظور نه پر بلڊوز ڪرائي آهي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري حيرانگي جو اظهار ڪندي صحافي کان جوابي

سوال ڪيو ته واقعي بجيٽ منظور ٿي وئي؟

سڌ سماءَ جي خاص معاون جي بيان ته بجيٽ منظور ڪرائڻ اپوزيشن جي مات آهي، آصف زرداري چيو ته هي

سيليڪٽيڊ حڪومت آهي،سليڪٽ ٿي ايندڙن کي ڇا سمجهايون.

سينيٽ جي چيئرمين جي مستقبل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته مون کي جيل ۾ معلومات نٿي ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*