سينئر صحافي الياس وارثي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻه جوابدار پنجن ڏينهن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد جي عدالت، روزاني ڪاوِش جَي سينئر صحافي الياس وارثي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي پنجن

ڏينهن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 صحافي الياس وارثي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار احمد انصاري ۽ شعيب راجپوت کي حيدرآباد جي سول جج اينڊ

جڊيشل مئجسٽريٽ 8 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو، کانئن وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي،

ان ڪري سندن جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت پوليس جِي استدعا منظور ڪندي ٻنهي جوابدارن کي پنجن ڏينهن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته روزاني ڪاوش جَي سينيئر رپورٽر الياس وارثي جو لاش ڪجهه ڏينهن اڳ سندس حيدرآباد جي رهائشگاهه تان مليو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*