وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او گهرڻ وارا ڪهڙي منهن سان سليڪٽڊ جو لفظ استعمال ڪري رهيا آهن

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او گهرڻ وارا ڪهڙي منهن سان سليڪٽڊ جو لفظ استعمال ڪري رهيا آهن، گذريل حڪومتن ۾ ٿيل مني لانڊرنگ جي ڪري اسان کي مالي خسارو ورثي ۾ مليو، اسان مني لانڊرنگ جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ اپوزيشن جون بينچز خالي آهن، شهباز شريف جي تقرير دوران بجيٽ جي ڪري ڳالهائڻ نه پئي چاهيو، نون ليگ جي صدر ڏک سان ڀريل تقرير ڪئي پر کيس اهو به ٻڌائڻ گهربو هو ته رپئي جي قدر گهٽ ڇو ٿي آهي.

هن چيو ته زرداري ڪٽنب ۽ اومني گروپ پاڪستان مان پئسو چوري ڪري ٻاهر اماڻيو، جنهن جي مثال جعلي اڪائونٽس ڪيس آهن، حديبيه پيپر ملز ۽ هل ميٽلز ذريعي پئسو ٻاهر ويندو رهيو، عوام جو پئسو چوري ڪرڻ وارا قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪئين ٿا ڪري سگهن.

سندس چوڻ هو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ مني لانڊرنگ آهي، اين آر او وٺڻ وارا ڪهڙي منهن سان سليڪٽڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، نواز شريف تي تنقد ڪندي وزيراعظم چيو ته جنهن کي عدالت ڏوهي قرار ڏنو ان کي پارٽي سربراهه بڻايو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان ۽ فاٽا جي عوام جون محروميون ختم ڪيون وينديون، پاڪ فوج پاران دفاعي بجيٽ ۾ گهٽ ڪيل رقم بلوچستان ۽ فاٽا جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪنداسين

عمران خان چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن سان وڙهي پئي، اسان جا ڀارت سان به لاڳاپا بهتر نه آهن ان باوجود پاڪ فوج پنهنجي بجيٽ ۾ گهٽتائي آندي آهي جنهن تي آرمي چيف جو ٿورائتا آهيون

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڪراچي جو پئسو ڪراچي تي ئي خرچ ڪنداسين، بدقسمتي سان جيڪو پئسو ڪراچي تي خرچ ٿيڻو هو، اهو نه ٿي سگهيو، سنڌ حڪومت جي ذميواري باوجود وفاق 45 ارب رپين جي بجيٽ ڏني آهي، اسان ڪراچي کي وڌيڪ بجيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*