پيپلزپارٽي ڇڏي ويندڙ سيف الله ڌاريجو پيپلزپارٽي ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سيف الله ڌاريجو چيو آهي ته پارٽي ڇڏڻ مشڪل فيصلو هوندو آهي

پيپلزپارٽي ڇڏي ويندڙ سيف الله ڌاريجو پيپلزپارٽي ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سيف الله ڌاريجو چيو آهي ته پارٽي ڇڏڻ مشڪل فيصلو هوندو آهي، واپسي سان پيپلزپارٽي وڌيڪ مضبوط ڪندا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ھڪ شخص جي ڪري ملڪ ھلي نه رھيو پر ان جي ھٽڻ کانپوءِ ملڪ اڳتي وڌندو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نثار کهڙو، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب تي مشتمل پيپلزپارٽي جي وفد سيف الله ڌاريجو جي ڪراچي واري رهائشگاهه تي پهچي ساڻس ملاقات ڪئي

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيف الله ڌاريجو جي يو آءِ ڇڏي ٻيهر پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته پارٽي ڇڏڻ مشڪل فيصلو هوندو آهي، واپسي سان پيپلزپارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين

انموقعي تي وڏي وزير، وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ھڪ شخص جي ڪري ملڪ ھلي نه رھيو پر ان جي ھٽڻ کانپوءِ ملڪ اڳتي وڌندو

مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم اليڪشن جي پابندي باوجود گهوٽڪي جو دورو ڪري اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي

وڏي وزير چيو ته وزير اعظم فيل ٿي چڪو آھي کيس هٽايو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*