پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئون حڪومت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهيان، جيڪڏهن اوهان سليڪٽيڊ آهيو ته اوهان کي سليڪٽيڊ ئي چوندس ۽ ڪوڙا آهيو ته ڪوڙو ئي چوندو رهندس

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئون حڪومت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهيان، جيڪڏهن اوهان سليڪٽيڊ آهيو ته اوهان کي سليڪٽيڊ ئي چوندس ۽ ڪوڙا آهيو ته ڪوڙو ئي چوندو رهندس

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ ۾ سليڪٽڊ لفظ تي پابندي ۽ ان کي حذف ڪيو ويو آهي پر حڪومت پاران چور ۽ ڦورو چوڻ سميت گاريون ڏيڻ کي حذف نه ٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته بجيٽ جي منظوري لاءِ حتمي ووٽنگ ئي نه ڪرائي وئي، ڪنهن کي ڪا  به خبر نه آهي ته بجيٽ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ڪيترا ووٽ آيا

سندس چوڻ هو ته آئون سليڪٽڊ حڪومت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهيان جنهنڪري منهنجي خلاف مذمتي ٺهراءَ پيش ڪيو ويو

پ پ چيئرمين چيو ته جڏهن عوام جو معاشي قتل ٿيندو آهي ته عوام روئيندي آهي پر اهو حڪومت لاءِ وڏو مسئلو نه آهي، شهيد محترمه مون کي سچ ڳالهائڻ سيکاريو آهي ۽ آئون سچ ڳالهائيندو رهندس

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسپيڪر جو ذاتي طور آئون احترام ڪريان ٿو، هو قومي اسيمبلي جو ڪسٽوڊين آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*