هانگ ڪانگ ۾  مظاهرا ، مظاهرين پاران  انتظام چين حوالي ٿيڻ واري ڏهاڙي جي سالگرا جي موقعي تي  مختلف رستن احتجاجي مظاهرا

برطانيا پاران هانگ ڪانگ جو انتظامي ڪنٽرول چين حوالي ڪرڻ واري واقعي جي 22 هين سالگرا جي موقعي تي

هانگ ڪانگ ۾ پر تشدد مظاهرن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. هانگ ڪانگ شهر جي سربراهه ڪيري ليم تاريخي

ڏهاڙي جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

هانگ ڪانگ جو انتظام چين حوالي ٿيڻ واري ڏهاڙي جي سالگرا جي موقعي تي صبح جي وقت کان ئي مظاهرين شهر جي مختلف

رستن تي گڏ ٿي ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي، مختلف هنڌن تي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون ٿيون. پوليس پاران مظاهرين

کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مرچن جو اسپري ۽ گرفتاريون به ڪيون ويون.

هانگ ڪانگ جي شهري حڪومت جي خاتون سربراهه مس ڪيري ليم خلاف هن وقت اپوزيشن جي هڪ وڏي احتجاجي تحريڪ هلي رهي آهي.

تازو شهري سرڪار پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل ماڻهن کي چين حوالي ڪرڻ وارو جڏهن تڪراري بل متعارف ڪرايو ويو ته ان خلاف لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا.

احتجاجي تحريڪ تيز ٿيڻ کانپوءِ ڪيري ليم جي سرڪار اهو تڪراري بل واپس وٺي ڇڏيو آهي ته پر سندس خلاف احتجاجي مظاهرن

جو سلسلو جاري آهي. اپوزيشن پاران سندس استعيفا جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. اپوزيشن جو مطالبو آهي ته 12 جون وارن مظاهرن کي

“وڳوڙ” قرار ڏيڻ بدران عوامي احتجاج قرار ڏنو وڃي.

اپوزيشن پاران احتجاجي مظاهرن دوران گرفتار ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو پيو وڃي.

هانگ ڪانگ 1997ع کان “هڪ ملڪ ٻه نظام” واري اصول تحت چين جو حصو بڻيل آهي. ان اصول تحت هانگ ڪانگ جي شهرين

کي عدليه جي آزادي سميت ڪيترائي شهري حق حاصل آهن. هانگ ڪانگ جا ڪيترائي شهري چين جي وڌندڙ سياسي ۽ انتظامي اثررسوخ جا مخالف آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*