آمريڪا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت

آمريڪا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي

ته فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.

آمريڪي اختيارين موجب، ٽيڪ آف ڪرڻ دوران جهاز جي هڪ انجڻ خراب ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو.

آمريڪي اختيارين موجب، ننڍي جهاز ڪنگ ايئر 350 ۾ ٻه انجڻيون لڳل هيون، جنهن مان هڪ هجڻ خراب

ٿيڻ سبب جهاز هينگرز ۾ وڃي ڪريو، جنهن سبب جهاز کي باهه لڳي وئي.

آمريڪي اختيارين موجب، جهاز ۾ 10 ڄڻا سوار هئا، جيڪي فوت ٿي ويا آهن، حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*