لعلورائنڪ ۾ ناري جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار کي  گرفتار ڪرڻ بعد بااثر شخص جي مداخلت تي رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو

لعلورائنڪ ۾ ناري جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي آزاد ڪرڻ خلاف ناري جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

چار ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري نسيم ڌيءُ غلام شاھ جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شهنشاھ کي آزاد ڪيو ويو.

ناري جي پيءُ غلام شاھ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته چار ڏينهن اڳ جوابدار شهنشاھ، مدد شاھ، منير شاھ ۽ ٻين  منهنجي گهر

تي حملو ڪري نياڻي نسيم کي هٿيارن جي زور تي ڪار ۾ وجهي اغوا ڪري ويا هئا.

هن چيو ته اسان لعلورائنڪ ٿاڻي نياڻي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ۽ پوليس مک جوابدار شهنشاھ کي گرفتار ڪري هن بااثر

شخص جي مداخلت تي رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

هن آءِ جي سنڌ کان انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*