اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات رکڻ ۽ منشيات فروشن سان رابطن جي الزام هيٺ نون ليگ ايم اين اي راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري ورتو آهي

اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات رکڻ ۽ منشيات فروشن سان رابطن جي الزام هيٺ نون ليگ ايم اين اي راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري ورتو آهي، راڻا ثناءُ الله کان لاهور آفيس ۾ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي

نون ليگ پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ الله پارٽي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فيصل آباد کان لاهور وڃي رهيو ته اي اين ايف لاهور ريجن کيس موٽر وي تان گرفتار ڪيو

اينٽي نارڪوٽڪس فورس جو چوڻ آهي ته ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي گاڏي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي جنهن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي

اينٽي نارڪوٽس فورس موجب راڻا ثناءُ الله کي وڌيڪ پڇاڳاڇا لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس آفيس لاهور منتقل ڪيو ويو  آهي جتي کائنس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله کي منشيات فروشن سان لاڳاپن جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو آهي پر اي اين ايف طرفان ان بابت ڪو به واضح پيغام سامهون نه آيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*