لاهور جي علاما اقبال ايئرپورٽ جي لائونج ۾ فائرنگ ، ٻه ڄڻا قتل

لاهور جي علاما اقبال ايئر پورٽ جي انتهائي حساس علائقي جي لائونچ ۾  هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل

ڪري ڇڏيو،ايئر پورٽ سيڪيورٽي فورس فائرنگ ڪندڙ ٻنهي جوابدارن کي  گرفتار ڪري ورتو آهي.

لاهور جي علاما اقبال ايئر پورٽ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري عمرو ادا ڪري  واپس ورندڙ ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو.

اي ايس ايف تصديق ڪندي مارجي ويلن  جي سڃاڻپ زين ۽ نفيس طور ڪئي  آهي.

لاهور ڪينٽ پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي ڄڻا پ پ اڳواڻ بابر بٽ جي قتل  جي ايف آئي آر ۾ نامزد هئا.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته علاما اقبال ايئر پورٽ تي فائرنگ جو واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي.

انتهائي حساس هوائي اڏي اندر فائرنگ  تي سيڪيورٽي بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

اي ايس ايف  ايئر پورٽ ۾ داخل ٿيندڙ سموريون گاڏيون روڪي تلاشي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

فائرنگ واري واقعي بعد ايئر پورٽ اندر ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

ذريعن مطابق جوابدار هٿيار کڻي هوائي اڏي اندر ڪيئن داخل ٿيا ۽ انهن جي ساٿين جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*