نالي وارو سنگر علي نور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، ڊاڪٽرن 48 ڪلاڪ اهم قرار ڏئي ڇڏيا

نالي وارو سنگر علي نور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، ڊاڪٽرن 48 ڪلاڪ اهم قرار ڏئي ڇڏيا

ملڪ جي ناليواري ميوزڪ بينڊ “نوري” جي سنگر علي نور کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

سندس وارثن ۽ دوستن جو چوڻ آهي ته علي نور  جي حالت خراب آهي ۽ ڊاڪٽرن 48 ڪلاڪن اندر سندس جگر جي

پيوندڪاري کي لازمي قرار ڏنو آهي. وارثن پاران قوم کي دعائن جي اپيل به ڪئي وئي آهي.

علي نور جي چاچي اعظم جميل پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته علي نور جي حالت انتهائي خراب آهي. ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي

ته 48 ڪلاڪن اندر سندس جيري جي ٽرانسپلانٽ ٿيڻي آهي. علي نور جي ڀاءُ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته علي نور کي سندس فيملي

جو ڪو ميمبر ئي جيرو ڊونيٽ ڪري سگهي ٿو.

علي نور جي ڀاءُ حمزه اميد ظاهر ڪئي آهي ته علي نور جلد صحتياب ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مداحن جي سامهون ايندو ۽ فن جو مظاهرو ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*