ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ تي حملو ڪندڙ مک جوابدار انٽرپور جي مدد سان گرفتار

ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ تي حملو ڪندڙ مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته

جوابدار جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي.

ڪراچي ۾ قائم چيني قونصليٽ تي حملي جَي مک جوابدار راشد بروهي کي عرب رياست مان گرفتار ڪيو ويو، کيس

اڄ صبح ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس جوابدار کي انٽر پول جَي مدد سان گڏيل عرب امارتن مان گرفتار ڪيو ويو هو،

  جوابدار چيني قونصليٽ تي حملي جي نگراني ڪندو رهيو ۽ حملي آورن کي مڪمل سهولتون پڻ فراهم ڪيون.

پوليس ذريعن اهو به ٻڌايو ته حملي کان اڳ جوابدار راشد بروهي کي 9 لک رپيا فراهم ڪيا ويا، حملي جي فورن بعد جوابدار پرڏيهه

فرار ٿي ويو هو، وٽائنس اهم ڄاڻ حاصل ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته 23 نومبر 2018 تي ڪراچي ۾ قائم چيني قونصليٽ تي حملو ڪيو ويو هو پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*