قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي خلاف آواز اٿارڻ تي اسان جي ايم اين ايز کي گرفتار ڪيو پيو وڃي

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي خلاف آواز اٿارڻ تي اسان جي ايم اين ايز کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، موجوده حڪومت جي ايجنڊا رڳو ن ليگ کي نشانو بڻائڻ آهي، راڻا ثناءُ الله کي جيل ۾ ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار عمران نيازي هوندو.

لاهور ۾ راڻا ثناءُ الله جي گهر وارن سان ملاقات کانپوءِ شاهد خاقان عباسي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته  جيل ۾ راڻا ثناءُ الله کي کاڌو ۽ پاڻي به فراهم نه پيو ڪيو وڃي، ڇا مديني جي رياست ۽ نئين پاڪستان جي اها ئي مثال آهي.

هن چيو ته راڻا ثناءُ الله جي جيل ۾ طبعيت گهڻي ناساز آهي، کيس دوائون به فراهم نه پيون ڪيون وڃن، ڪنهن به ڏوهي غفلت جو ذميوار عمران نيازي هوندو

شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ غريب عوام سان ظلم ڪيو ويو آهي ۽ ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي آهي

شهباز شريف چيو ته وزيراعظم عمران خان کي سليڪٽڊ چوڻ تي پابندي آهي ته کيس“سائيڊ لائين وزيراعظم” قرار ڏيان ٿو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*