وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀلي ڪنهن بادشاهه کان سفارش ڪرايو يا انهن جا پير پڪڙيو، آئون ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس ملڪ ۾ ننڍن ۽ وڏن چورن لاءِ هڪ ئي قانون هوندو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀلي ڪنهن بادشاهه کان سفارش ڪرايو يا انهن جا پير پڪڙيو، آئون ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس ملڪ ۾ ننڍن ۽ وڏن چورن لاءِ هڪ ئي قانون هوندو

راولپنڊي ۾ سر سيد ايڪسپريس ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نون ليگ ۽  پ پ وارا ڊالر جي اگهه ۾ واڌ تي تنقيد ڪن ٿا، آصف زرداري ۽ شريف ڪٽنب ملڪ جي ڦريل ناڻي جو اڌ حصو به واپس آڻين ته ڊالر جو اگهه گهٽجي ويندو.

هن چيو ته قوم سان واعدو ڪيو هو ته چورن جو احساب ڪيو ويندو، وڏن چورن کي جيلن ۾ اي سي ۽ ٽي وي به گهربل آهي، وڏا چور جيلن ۾ عيش سان رهن پيا ڏکيائيون رڳو ننڍن چورن کي درپيش آهن

سندس چوڻ هو ته مخالف اڳواڻ چون پيا ته آئون انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهيان، انتقامي ڪارروائي آئون نه پر پاناما ڪيس جي پيروي ڪرڻ تي منهنجي خلاف ٿي هئي

وزيراعظم عمران خان چيو ته نئون پاڪستان ٺهڻ شروع ٿي ويو آهي، شريف ڪٽنب ۽آصف زرداري جي 10 سالن دوران ملڪيت وڌي وئي ۽ ٻنهي ڪٽنبن جا ٻار ارب پتي بڻجي ويا

وزيراعظم چيو ته ڪرپشن سبب قوم قرضي بڻجي وئي  ۽ ملڪي معيشت به تباهه ٿي، اسان ننڍي طبقي کي مٿي آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*