ڪنٽرول لائين تي ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي

ڪنٽرول لائين تي ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪنٽرول لائين ويجهو ڇمب سيڪٽر ۾ برنالا واري علائقي ۾پاڪ فوج جي گاڏي تي حملو ٿيو

آءِ ايس پي آر موجب واقعي ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن ۾ صوبيدار محمد صادق، سپاهي محمد طيب، زوهيب، سپاهي غلام قاسم ۽ نائڪ شير زمان شامل آهن

آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارت ٻطرفن جنگ بندي معاهدي ۽ عالمي قائدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، تازو واقعو ڀارتي رياستي دهشتگردي جو ثبوت آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*