ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي وڻڪاري مهم ”هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ“ واري اعلان جي سنڌ سرڪاري آجيان ڪري ڇڌي، سهڪار جي خاطري 

سنڌ سرڪار ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جـِي وڻڪاري مهم واري اعلان جي آجيان  ڪري ڇڏيو ،

ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري  عبدالرحيم سومري چيو آهي ته ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي وڻڪاري مهم هڪ بهترين قدم آهي.

ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش گروپ پاران 8 جولاءِ کان 14 جولاءِ تائين  “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” جي سري سان مهم شروع ڪئي پئي وڃي.

  سنڌ جي جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري عبدالرحيم سومري ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي وڻڪاري مهم جي آجيان

ڪندي ڀرپور سهڪار جي  خاطري ڪرائي آهي.

 ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته معاشري جي بهتري لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندڙ ڪي ٽي اين ۽

ڪاوش گروپ جي وڻڪاري مهم هڪ بهترين قدم آهي.

هن اعلان ڪيو ته مهم دوران سنڌ سرڪار پاران ٻوٽن جي هڪ چڪي ٻن روپين جي سستي اگهه تي فراهم ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*