وزير اعليٰ هائوس ۾ صفائي سٿرائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر ۾گندگي جا ڍير پيل آهن

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ وڻ وڍيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته مونکي جيڪڏهن روڊ تي گند ڪچرو نظر آيو يا وڻ وڍڻ جو اطلاع مليو ته واسطيدار آفيسر خلاف سخت ڪارروائي ڪندس.

وزير اعليٰ هائوس ۾ صفائي سٿرائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر ۾گندگي جا ڍير پيل آهن،ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، ٻڌايو وڃي ته ضلعي انتظاميه ڇاپئي ڪري

 اجلاس دوران وڏي وزير  چيو ته جنهن ڊي ايم سي ۾ گندگي هوندي ان جي واسطيدار ميونسپل ڪمشنر ۽ ڊي سي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

وڏو وزير ڪراچي جي ڪمشنر کي شهر ۾ ڊي سيز ذريعي صفائي ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهو جڏهن گهر ٺاهن ٿا ته  وڻ وڍن ٿا،هاڻي اهڙي ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي وڻ وڍيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ويندي.

وڏي وزير ڊي سيز کي  هفتي اندر شهر ۾ صفائي  سٿرائي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي  چيو ته مونکي ڪراچي شهر صاف سٿرو گهرجي

وڏي وزير چيو ته جتي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کان ڪم وٺڻو آهي ان کان ڪم ورتو وڃي ۽ جتي ڊي ايم سيز کان ڪم وٺڻو اهو انهن کان ورتو وڃي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*