ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات، وسڪاري کانپوءِ اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، وسڪاري کانپوءِ اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

ڪراچي جي ملير، شاهه فيصل ڪالوني، ڪورنگي، نارث ناظم آباد، شاهراهه فيصل، ايئرپورٽ، صدر ، ڪياماڙي، گلبرگ، فيڊرل بي ايريا،

قائد آباد، جيل روڊ، کوکراپار، ڊفينس، صفوران ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري سان موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

برسات کانپوءِ ڪراچي جي ڊفينس، ناظم آباد، قائد آباد، ملير سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موسم جهڙالي رهندي ۽ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جا امڪان آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*